آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ کان اڳ مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو: عمران خان

news

اسلام آباد: (سومر 21 جون 2021ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ کان ا ڳ مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو.

وزيراعظم چيو ته افغان جنگ ۾ وڌيڪ نقصان پاڪستان کنيو. پاڪستان مان افغانستان ۾ ڪارروائي جي اجازت نه ڏينداسين. مان افغان طالبان جو ترجمان نه آهيان.

پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير آهن. آمريڪا ۽ افغان جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ  پاڪستاني شهيد ٿيا . سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان آمريڪا کي هوائي اڏا نه ڏيندو. هاڻ ڪنهن به قسم جي ويڙهه نٿا چاهيون.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت سان اسان جون 3 جنگيون ٿيون آهن. پاڪستان جو ايٽمي پروگرام صرف ملڪ جي بچاءُ لاءِ آهي. ايٽمي هٿيارن جي خلاف آهيان اسان جا ايٽمي هٿيار دفاع جي لاءِ آهن.