نئون ديرو لڳ معمولي ڳالهه تان کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نو ڄڻا زخمي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو)  نئون ديرو شهر جي ڳوٺ الهورايو سولنگي ۾ مينهن کي لٺيون هڻڻ جي ڳالهه تان کوکر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان لٺين، سروٽن، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو.

جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري هڪ ڌر جا رفيق، اسماعيل، فرمان، رضوان، مائي عظيمان، ثمينه کوکر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻي ڌر جا حبدار، عاصم ۽ نورجهان کوکر سميت ٽوٽل 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي نئون ديرو اسپتال علاج لاءِ آندو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

هوڏانهن اسپتال ۾ موجود هڪ ڌر جي زخمي عورت عظيمان خاتون ٻڌايو ته جوابدار صديق، آصف، نعيم حبدار ۽ خليل منھنجي پٽ فرمان سان وڙھيا دانھن کڻي انھن جي گهر ويس ته انهن الٽو مون کي مارڪٽ ڪئي، جنهن تان جهيڙو وڌي ويو.

هوڏانهن اسپتال ۾ موجود ٻي ڌر جي زخمي حبدار کوکر ٻڌايو ته فرمان اسان جي مينهن کي لٺيون هڻي رهيو هو اسان فرمان کي روڪيو ته اسان جي مينهن کي لٺيون نه ھڻي ۽ هو نه مڙيو جنهن تان جھيڙو ٿيو ۽ ٻي ڌر مڇرجي ھٿيار کڻي اچي اسان جي گهر ۾ گهڙي زبردستي جهيڙو ڪيو.

هوڏانهن نئون ديرو ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف جهيڙي جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.