جيڪب آباد ۾ ھندو نينگر کي يرغمال بڻائي ڦر بعد اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڏنگر پاڙي جي رھواسي 14 ورھين جي نينگر اويناش کي 5 جوابدارن پاران پنج ڏينهن اڳ سٽي ٿاڻي جي حد آدم خان پنهور روڊ تي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي، موبائيل فون ۽ 20 ھزار روڪ رقم ڦر بعد ڪار ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ان سلسلي ۾ نينگر جي والد راجيش ڪمار سٽي ٿاڻي تي پھچي دانھيو آهي ته 5 جوابدارن پنج ڏينهن اڳ سندس پٽ کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موبائيل فون، 20 ھزار روڪ ڦر ڪرڻ بعد ڪار جي اندر اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ھندو نينگر سان اجتماعي بدفعلي جو ڪيس پيءُ راجيش ڪمار جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي جوابدارن ساحل چانڊيو، ببلو مگسي، مرتضيٰ بروهي، راشد جمالي ۽ ھڪ اڻڄاتل خلاف اجتماعي زيادتي، ڦر ۽ ڌمڪين ڏيڻ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سٽي پوليس ٻڌايو ته 27 آگسٽ جي رات پنج جوابدارن آدم خان پنهور روڊ تي ھٿيارن جي زور تي نينگر اويناش کي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻايو، جوابدارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جو تعلق شھدادڪوٽ سان آهي، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

ھوڏانھن ٻي پاسي سٽي پوليس اجتماعي زيادتي ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگهيو نه ئي اھا ڪار ھٿ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نوجوان کي يرغمال بڻائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ھو، پوليس مک جوابدارن جي 4 ويجھن رشتيدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.