نائن اليون تي نئين افغان حڪومت جي حلف برداري تقريب، مختلف ملڪن کي شرڪت جي دعوت

news

ڪابل: (جمعو 10 سيپٽمبر 2021ع) افغانستان جي نئين عبوري حڪومت جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جا دعوتناما مختلف ملڪن کي جاري ڪيا ويا آهن. برطانوي ميڊيا موجب تقريب ۾ پاڪستان، چين، ترڪي، مصر، قطر ۽ متحده عرب امارات جا نمائندا شرڪت ڪندا.

رپورٽن موجب تقريب ۾ روس ۽ ازبڪستان جا نمائندا به شرڪت ڪندا. رپورٽون آهن ته نئين افغان ڪابينا آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيندڙ حملي کي 20 سال مڪمل ٿيڻ  واري ڏينهن يعني 11 سيپٽمبر تي حلف کڻندي. آمريڪا ۽  يورپي يونين طرفان طالبان جي عبوري حڪومت تي خدشن جو اطهار ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان طرفان نئين افغان حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

آمريڪي پرڏيهي وزير انتهوني بلنڪن چيو هو ته طالبان حڪومت ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي آمريڪي ادارن کي گهربل آهن طالبان کي نئين حڪومت جي ڪجهه نالن جي لاءِ دنيا کان قانوني حيثيت حاصل ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف پاڪستاني پرڏيهي آفيس اميد ظاهر ڪئي آهي ته افغانستان ۾ نئين  سياسي انتظام جي تحت امن، استحڪام ۽ سلامتي کي يقيني بنايو ويندو. 

سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل چيو آهي ته سعودي عرب افغان عوام جي مدد لاءِ پرعزم آهي. افغان عوام بنا ڪنهن ٻاهرين مداخلت جي جيڪو به رستو چونڊيندي سعودي عرب ان جي حمايت ڪندو.