صاف پاڻي ريفرنس: شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

news

لاهور: (ڇنڇر 11 سيپٽمبر 2021ع) صاف پاڻي ريفرنس ۾ شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آهن.  رپورٽ موجب صاف پاڻي ريفرنس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ان حوالي سان رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪئي وئي آهي.

عدالت ٻين شريڪ جوابدارن جي بريت وارين درخواستن تي دليل طلب ڪندي ڪارروائي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نيب جي جاچ ٽيم شهباز شريف جي ناٺي عمران علي يوسف ۽ ڌيءَ رابعه عمران جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ واري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميسرز فاطمه ڊويلپرز ۾ عمران علي جا 65 لک شيئرز ۽ رابعه عمران 35 لک شيئرز جا مالڪ آهن. ميسرز ايس ايم سي ۾ عمران علي يوسف جا 60 لک جي ماليت جا شيئرز آهن. حديبيه  انجنيئرنگ ۾ شهباز شريف جي ڌيءَ رابطه عمران جا 7 هزار جي ماليت جا شيئرز شامل آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شريف پولٽري فارم ۾ رابعه عمران جا 1 هزار جي ماليت جا شيئرز به ضبط ڪيا ويا آهن. مدينه فيڊ ۾ عمران جي شيئرز جي ماليت 1 ڪروڙ 25 لک جڏهن ته رابعه عمران 50 لک ماليت جي شيئرز جا مالڪ آهن. ميسرز پروسيڊ فوڊ ۾ عمران علي ۽ رابعه عمران جا 25 لک ماليت جا شيئرز آهن. ان کان علاوه علي ٽريڊ سينٽر ۽ علي ٽاور ۾ عمران علي ۽ رابعه عمران ڪيترن ئي دوڪانن جا مالڪ آهن.

واضح رهي ته احتساب عدالت اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي جي پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏيندي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.