اڳوڻي افغان نائب صدر امرالله صالح جي گهر مان ڇهه ملين ڊالر ۽ سون جون سرون هٿ

news

ڪابل: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) افغانستان جي اڳوڻي نائب صدر امرالله صالح جي گهر مان ڇهه ملين ڊالر ۽ سون جون سرون هٿ آيون آهن.

افغان ميڊيا موجب امرالله صالح جي گهر مان 18 سون جون سرون به هٿ ڪيون ويون آهن. افغان اڳواڻ احمدالله متفي امرالله صالح جي گهر مان هٿ آيل رقم جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته امرالله صالح هڪ هفتو اڳ ئي بيان جاري ڪيو هو ته هو افغانستان ۾ موجود آهي ۽ فرار ناهي ٿيو هن چيو ته هو پنجشير وادي ۾ ئي آهي. افغانستان جي مفرور صدر اشرف غني جي دور ۾ امرالله صالح نائب صدر جي عهدي تي فائز هئو. هن اشرف غني جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي صدر قرار ڏنو هو.

اشرف غني جي دور ۾ امرالله صالح کي گهرو وزير به بنايو ويو هو. امرالله صالح جيڪو افغانستان جي انٽيليجنس سروس جو سربراهه به رهي چڪو آهي. هن ماڻهن کي پنجشير وادي ۾ ٿيندڙ مزاحمت ۾ شريڪ ٿيڻ جو چيو هو. امرالله صالح جو چوڻ هو ته ڪڏهن به طالبان سان گڏ هڪ ڇت جي هيٺيان نه ويهنداسين. افغان ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته افغانستان جو نائب صدر امرالله صالح فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته احمد مسعود به غائب آهي. خبرون اهي اچي رهيون آهن ته امرالله صالح جي ڀاءُ روح الله عزيزي کي قتل ڪيو ويو آهي.