ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي مدي ۾ واڌ، وڌيڪ چار سالن لاءِ وي سي مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

news

ٽنڊوڄام: اڱارو 10 اپريل 2018:گورنر سنڌ، سنڌ سرڪار جي ايڊوائيس تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي چئن سالن جي ٻي مدت لاءِ به زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

گورنر هائوس اهڙي قسم جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي چئن سالن جو مدو 22 مئي 2018 تي پوري ٿي رهيو هو.

گورنر سنڌ وائس چانسلر شپ جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي 23 مئي 2018 کان وڌيڪ چئن سالن لاءِ وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.01