پنجاب کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ

news

 لاهور: سومر 16 اپريل 2018ع: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا مقامي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته وسيلن جي برابر ورڇ لاءِ پنجاب جي تقسيم ضروري آهي، پنجاب ۾ پنهنجي مفاد خاطر نوان صوبا نه ٺاهيا ويا. درخواستگذار جو چوڻ هو ته نوان صوبا نه ٺهڻ سان پنجاب جو محروم طبقو حڪمرانن جو محتاجي آهي، پنجاب ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي علائقي بئنچز جي حدن ۾ 3 نوان صوبا جوڙيا وڃن.

درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته پنجاب کي ٽن صوبن بهاولپور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ تقسيم ڪيو وڃي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.