شراب جو معمولي مقدار به حياتي جا ڏينهن گهٽائي ڇڏيندو آهي: تحقيق

news

نيويارڪ: سومر 16 اپريل 2018ع: آمريڪا ۾ ڪيل نئين تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته شراب جي معمولي مقدار به انساني حياتي جا ڏينهن گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

آمريڪي تحقيق موجب هڪ هفتي ۾ پنج کان ڏهه شراب جا پيگ پيئندڙ ماڻهن جي حياتي جا ڇهه مهينا، ڏهه کان پندرنهن پيگ پيئندڙن جا 2 سال ۽ 18 کان وڌيڪ پيگ پيئندڙ ماڻهن جي حياتي جا پنج سال گهٽجي وڃن ٿا.

ڊاڪٽر اينجلا ووڊ پنهنجي جاچ جي روشني ۾ تنبيهه ڪئي آهي ته روزاني جي بنياد تي شراب پيئندڙ شخص جيئن جيئن شراب جي مقدار ۾ واڌ ڪندو آهي تيئن تيئن ان جي حياتي جا سال مختصر ٿيندا ويندا آهن.

ان ڳالهه جو انڪشاف هن 19 ملڪن جي شراب نوشي ۾ مبتلا 6 لک ماڻهن تي ڪيل تحقيق مان حاصل ٿيندڙ نتيجن تي بنيادن تي ڪئي.

ڊاڪٽر انجيلا شراب نوشي جي عادت ۽ ان جي زندگي تي پوندڙ اثرن جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته هڪ هفتي ۾ 14 يونٽ کان وڌيڪ شراب نوشي صحت کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي جيڪا هفتي ۾ 6 ڊرنڪس جي برابر هوندي آهي. جيئن جيئن شراب جو عادي پيگ جو تعداد وڌائيندو آهي تيئن تيئن ان جي تباهه ڪارين ۾ واڌ ٿيندي آهي.