سنڌ نيشنل تحريڪ فضيلا سرڪي جي بازيابي لا۽ ھر فورم تي آواز اٿاريندي: اشرف نوناري

news

حيدرآباد: سومر 16 اپريل 2018ع: پاناما ليڪس توڙي نواز شريف جي نا اھلي واري ڪيس کان وڌيڪ سپريم ڪورٽ لاءِ اھميت جوڳو ڪيس 9 سال اڳ ٺل مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي فضيلہ سرڪي ۽  مورو مان ساڍا اٺ سال اڳ اغوا ٿيل عمران جوکيو جي بازيابي وارو ڪيس آھي.

ٻہ سال اڳ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ باوجود ٺل مان اغوا ٿيل فضيلہ سرڪي ھن وقت تائين بازياب ناھي ٿي جنھن سان ثابت ٿئي ٿو تہ اعلي عدليہ ھن وقت تائين مڪمل آزاد ناھي، اھڙو اظھار سنڌ نيشنل تحريڪ جي سربراھ اشرف نوناري ٺل پريس ڪلب آڏو فضيلہ سرڪي جي آزادي لاءِ ھنيل بک ھڙتالي ڪئمپ  تي پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، بک ھڙتالي ڪئمپ تي اشرف نوناري تحريڪ جي وفد سان گڏ پھتو جتي فضيلہ سرڪي جي امڙ کي اجرڪ اوڍائي متاثر خاندان سان پڻ ھمدردي جو اظھار ڪيو.

ھن چيو تہ سپريم ڪورٽ کي ان وقت تائين بااختيار ۽ آزاد قومي ادارو تسليم نہ ڪيو ويندو جستائين سنڌ ڄائي فضيلہ سرڪي ۽ عمران جوکيو کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي، ھن چيو تہ اغوا ٿيل ٻنھي ٻارڙن کي لڳ ڀڳ 9 سال ٿي چڪا آھن ان سموري عرصي ۾ سندن وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن انھي عرصي دوران ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي جيڪب آباد، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، آءِ جي سنڌ پوليس، وزير اعلي سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ باوجود ھن وقت تائين بازياب ناھن ڪرايا ويا.

ھن چيو تہ پوليس فضيلہ سرڪي ڪيس مان ھٿ کڻائڻ  لاءِ انڪوائرين جي آڙ ۾ سندن فريادي والدين کي پريشان ڪري رھي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھن چيو تہ فضيلہ سرڪي جي بازيابي ۾ پ پ جا مقامي اڳواڻ ۽ جاگيردار روڪاوٽ بڻيل آھن جيڪي سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت کان بہ وڌيڪ طاقتور آھن.

ھن چيو تہ جيڪڏھن سستو ۽ تڪڙو انصاف مظلوم ماڻھن کي ڏيڻو آھي ۽ حڪومت توڙي قومي ادارن کي پنھنجي رٽ قائم ڪرڻي آھي تہ پو۽ طاقتور ڏوھارين سميت انھن جي سھولتڪار ڀوتارن ۽ جاگيردارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏيڻيون پونديون ٻئي صورت ۾ بااختيار ۽ خودمختيار ادارن جو راڳ الاپڻ بيڪار ھوندو.

ھن چيو تہ سنڌ نيشنل تحريڪ فضيلہ سرڪي جي بازيابي لا۽ ھر فورم تي آواز اٿاريندي ۽ فضيلہ سرڪي توڙي عمران جوکيو جي بازيابي تائين سندن وارثن جي ھر احتجاج جي حمايت ڪندي انھن سان گڏ ھوندي.