ٽنڊوالهيار ويجهو ارڙي وگهي هڪ ئي ڳوٺ ۾ ٽي ٻارڙا فوت، ڪيترائي اسپتال داخل

news

ٽنڊوالهيار: اربع 23 مئي 2018:جھنڊومري جي ڳوٺ عطا محمد مري ۾ ارڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.

جڏهن ته هڪ ئي ڳوٺ ۾ هفتي دوران ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا، جن ۾ 3 سالن جو محمد پٽ رزاق مري، 2 سالن جو حمزا پٽ ياسين مري ۽ 4 سالن جي صائمه ڌيءَ اسلم مري شامل آهن.

جڏهن ته 9 مهينن جي سميا ڌيءَ اسلم مري ۽ هڪ سال جي زينب ڌيءَ يعقوب مري کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ٻارڙن جي وارثن ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ هفتي دوران ڳوٺ ۾ ٽي ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن ۽ 2 ٻارڙا اسان سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۾ داخل ڪرايا آهن ۽ ڪيترائي ٻارڙا ڳوٺ ۾ بخار ۾ ورتل آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته سول اسپتال ۾ اسان کي ڪابه سرڪاري طور تي دوا يا گوريون نه پيون ملن، اسان پنهنجي ٻارڙن لاءِ دوائون ٻاهران پرائويٽ اسٽورن تان وٺي پنهنجي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون پر اڃا تائين هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود صحت کاتي طرفان ڪابه ٽيم نه موڪلي وئي آهي ۽ نه ئي اڃا تائين ارڙي ۽ بخار جي ويڪسين ڪئي آهي.

جڏهن ته ٽنڊوالهيار سول اسپتال جي هر مهيني لکين رپيا بجيٽ اچي ٿي پر خبر ناهي ته اهو پئسو ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي.01