دستاويز اڻ مڪمل: پرويز خٽڪ جي گهر واري کي آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ويو

news

 پشاور: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي گهر واري عامره خٽڪ کي آمريڪا ويندڙ جهاز مان لاٿو ويو آهي.

رپورٽن مطابق عامره خٽڪ جا دستاويز پورا نه هجڻ تي باچا خان ايئرپورٽ وٽ کيس آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ويو. عامره خٽڪ آمريڪي پاسپورٽ ذريعي سفر ڪرڻ چاهي پئي پر ان وٽ اين آءِ سي او پي نه هو، جهنڪري کيس جهاز مان لاٿو ويو.

وزيراعليٰ جي گهر واري  عامره خٽڪ اي ڪي 637 ذريعي دبئي کان آمريڪا وڃي رهي هئي ته کيس روڪيو ويو.