ٺٽو ۾ آپڪا پاران فوتي ميونسپل ملازم جي وارثن کي انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج

news

ٺٽو:اڱارو 19 جون 2018: پگهارون نه ملڻ تي احتجاج طور پاڻ ساڙڻ سبب فوت ٿي ويل ميونسپل ملازم غلام اصغر شاهه عرف بابلا شاهه جي ڪيس ۾ نامزد ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ايڊمنسٽريٽر سميت ٻن عملدارن جي گرفتار نه ٿيڻ ۽ فوتي ملازم جي وارثن کي انصاف نه ملڻ خلاف متاثر ملازم جي وارثن، ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ۽ آپڪا اڳواڻن پاران مڪلي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

جڏهن ته آپڪا قيادت ٻن ڏينهن اندر ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سنڌ جي سمورن کاتن ڏانهن وڌائڻ ۽ تحريڪ تيز ڪرڻ جو چتاءَ ڏيئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته فوتي ملازم جي پيءَ بابو شاهه انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پنهنجي ننڍي پُٽ سميت پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ متاثر فوتي ملازم غلام اصغر شاهه عرف بابلا شاهه جي والد بابو شاهه، ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم اڳواڻ عنايت شاهه، آپڪا اڳواڻن سجاد سمون، راجو قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ مڪلي کان ڊي سي آفيس تائين احتجاج مظاهرو ڪري ڊي سي ٺٽو جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي صفائي واري عملي سميت سمورن ملازمن کانسواءِ آپڪا سنڌ جو صدر اسدالله دراني، منور شاهه، آپڪا ٺٽي جا ضلعي اڳواڻ احمد نواز پٺاڻ، ولي محمد جاکرو، شهري اتحاد ٺٽو جو صدر جاويد غني ميمڻ، سول سوسائٽي جو اڳواڻ حامد مغل، عبدالحفيظ شاهه، مراد ٿلي شاهه اميرخاني ۽ ٻيا اڳواڻ سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ شهري شامل ٿي ويا، جتي ڊي سي آفيس اڳيان ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ پگهارون نه ملڻ تي ملازم کي اُڪسائي باهه ڏيڻ تي مجبور ڪندڙ ڪيس ۾ نامزد ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ايڊمنسٽريٽر سميت ٻنهي عملدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميونسپل ملازم اصغر شاهه واري واقعي کي هفتو گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري سندن خلاف حڪومت پاران ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته ڄاڻايل ايڊمنسٽريٽر سياسي پُشت پناهي رکندڙ  ڌُرين جو ماڻهو آهي، جنهنڪري کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر سندس خلاف ڪارروائي ٿيڻ ۽ سندس گرفتاري تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

احتجاج ۾ شامل فوتي ملازم اصغر شاهه جي والد بابو شاهه چيو ته ساڻن وڏو ناحق ٿيو آهي. سندس پُٽ جي موت جا ذميوار ميونسپل ڪاميٽي جا عملدار آهن، جن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته هُو احتجاج طور پاڻ کي پنهنجي ننڍي پُٽ سميت باهه ڏئي ساڙيندو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي آپڪا سنڌ جي صدر اسدالله دُراني چتاءَ ڏيندي چيو ته ميونسپل ملازم اصغر شاهه جي موت جي ذميوارن خلاف فوري طور ڪارروائي نه ڪئي ۽ ٻن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

هن چيو ته حڪومت ۽ ذميوار کاتي جي اعليٰ اختيارين کان اڃا تائين معاملي جو نوٽيس نه وڌڻ سبب ملازمن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي ۽ اُهي هٿ وٺي پُرامن ملازمن کي پرتشدد احتجاج تي مجبور ڪري رهيا آهن.

ٻئي طرف ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ملازمن احتجاج طور ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي ۽ صفائي واري عملي به شهر ۾ ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ويون آهن، جنهن سبب شهر ۾ گندگي وڌڻ لڳي آهي. ٻئي پاسي ڊي سي ٺٽو مرزا ناصر علي سندس آفيس آڏو احتجاج ڪندڙن سان رابطو ڪري کانئن ٻن ڏينهن لاءِ مهلت گُهري ورتي آهي.01