راڳي انور حسين وسطڙو جي طبيعت خراب، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل

news

 نوابشاهه: ڇنڇر 23 جون 2018ع: سنڌ جو مشهور راڳي انور حسين وسطڙو جي اچانڪ طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ۾ داخل ڪيو ويو. فنڪار کي مسلسل رت جون الٽيون اچڻ ڪري کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي.