ٺٽي ۾ ميرپور بٺورو واسي ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ٺٽو: اربع 27 جون 2018ع:ميرپور بٺوري جي قديمي ڳوٺ گل محمد سولنگي جي رھواسين پريس ڪلب مڪلي تي ڳوٺ جي وڏيري صالح محمد سولنگي جي 25 ڏينھن کان گم ٿيڻ توڙي بااثر زميندار پاران کين بيدخل ڪرڻ لاءِ ڏنل ڌمڪين ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مڪلي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو.

جتي ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، سولنگي اڳواڻ مير علي سولنگي، گم ٿي ويل صالح سولنگي جي وارثن ڀاءُ محمد حسن سولنگي، پٽ دين محمد سولنگي، فيض محمد سولنگي، وڏيرو محمد علي سولنگي، يعقوب سولنگي ۽ پير بخش سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي گم ٿي ويل ڳوٺاڻي صالح محمد سولنگي جي ڀاءُ محمد حسن سولنگي، ملاح اڳواڻ آدم گندرو، مير علي سولنگي ۽ ٻين چيو ته سندن ڳوٺ جو معزز وڏيرو صالح محمد سولنگي گذريل 25 ڏينهن کان گم آهي پر سندس ڪٿان به ڪوبه ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو.

هنن الزام هنيو آهي ته سندن بااثر زميندار کين ڳوٺ مان لڏائي ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، کين خدشو آهي ته ان بااثر زميندار صالح محمد سولنگي کي به اغوا ڪرائي گم ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جي جان کي پڻ خطرو آهي.

هنن چيو ته بااثر زميندار ڳوٺاڻن تي ڪيترائي هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرايا آهن. هنن چيو ته دڙو پوليس سندن گم ٿي ويل معزز ڳوٺاڻي جي رپورٽ به درج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن گهر ڪئي ته فورن گم ٿي ويل صالح محمد سولنگي کي آزاد ڪرائي بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن تي داخل ڪيس ختم ڪري کين بيدخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.01