آفريڪي ملڪ جتي مردن کي ورهين کانپوءِ دفنايو ويندو آهي

news

گهانا: خميس 28 جون 2018ع: ڪيترن ئي ملڪن ۾ مرت ۽ عورت جي وفات کانپوءِ کين هڪ ٻن ڏينهن ۾ دفنايو ويندو آهي پر آفريڪي ملڪ گهانا ۾ ان اهم ڪم ۾ به ڪيترائي هفتا پر سال به لڳي ويندا آهن، ان عرصي ۾ لاش کي برف ۾ رکيو ويندو آهي.

گهانا ۾ ڪنهن شخص جي مرڻ کانپوءِ ان جي خاندان جو هڪ هڪ فرد ۽ پري رهندڙ مائٽن سان رابطو ڪيو ويندو آهي ڀلي مرندڙن انهن سان سالن تائين نه ڳالهايو هجي.

اهي مائٽ ميت واري گهر جمع ٿيندا آهن ۽ تدفين جي باري ۾ ڇا، ڇو ۽ ڪيئن جا سوال ڪندا رهندا آهن، هاڻ مرندڙن جي انتهائي ويجهن وارثن کي انهن جي ڳالهه مڃڻي پوندي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي گهانا ۾ هڪ شخص کي سندس مرڻ جي 6 سالن کانپوءِ دفنايو ويو آهي جنهن بابت اهو فيصلو نه ٿي سگهيو هو ته آخر جنازي ۾ سڀ کان اڳيان گريو ڪرڻ ۽ روئڻ جي ذميواري ڪنهن کي ڏني وڃي؟ پر اهڙا واقعا به گهانا م عام آهن.

صرف روئيندڙڻ جو معاملو ئي ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ته تابوت جي چونڊ تي به تڪرار پيدا ٿي ويندو آهي.

فوت ٿيندڙ لاءِ رنگ برنگي ۽ عجيب تابوت صرف گهانا ۾ ئي ٺاهيا ويندا آهن جيڪي تمام گهڻا مقبول اهن.

ان کان علاوه پري رهندڙ مائٽن جو انتظار به تدفين ۾ دير ڪندو آهي جڏهن ته تدفين جي خرچن جي ذميواري فوت ٿيندڙ جي ٻارن ۽ ويجهن عزيزن تي ئي هوندي آهي.

ان کان علاوه فوت ٿيندڙ جي گهر کي ڪيرائي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح روئڻ وارن جي فهرست تيار ڪرڻ به هڪ عذاب هوندو آهي، ان کان علاوه جنازي ۾ ايندڙ هڪ هڪ فرد سان ڳالهائڻو پوندو آهي ته ڇا هو فارغ به اهي يا نه؟.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مشهور صنعتڪار جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس 84 سالا زندگي تي هڪ خوبصورت رنگين ڪتاب ڇاپيو ويو ۽ جنازي ۾ ايندڙن ۾ مفت ورهايو ويو. ٻئي طرف جيڪڏهن ڪو خوشنصيب لاش ٻه کان ٽن هفتن ۾ دفنايو وڃي ته ماڻهو ان کي عزت ناهن ڏيندا.