مٽياري پوليس پاران مين پڙي جي فيڪٽري تي ڇاپو، منشيات سميت پنج ڄڻا گرفتار

news

اڏيرو لال اسٽيشن: سومر 02 جولاءِ 2018ع:ايس ايس پي مٽياري جي خاص هدايتن تحت اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ايوب باريجو ۾ سي آءِ مٽياري ڪارروائي ڪندي مين پڙي جي فيڪٽري تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوارن پوليس 5 جوابدارن عبدالغني باريجو، ڪارو باريجو، اسد باريجو، اسلم باريجو، حبيب باريجو ۽  ممتاز ڇٽو کي گرفتار ڪري مٿن سرڪار جي مدعيت ۾ منشيات ايڪٽ تحت اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته سي آءِ انچارج رحيم کوسو  موجب منشيات خلاف سموري ضلعي ۾ ايس ايس پي زاهد شاهه جي حڪم تحت ڪارروايون جاري آهن ۽ منشيات فروشن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.01