ڄامشورو ۾ صوفياڻي محفل، راڳين ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو

news

 ڄامشورو: اربع 04 جولاءِ 2018ع: ڄامشورو ۾ صوفي بزرگ سيد احمد شاهه لڪياري جي تڪيي تي صوفياڻي محفل ٿي گذري، جنهن ۾ احمد شاهه لڪياري جي وڏي فرزند سيد محبوب شاهه لڪياري، پروفيسر جڙيل سانگي، سيد ساجد شاهه لڪياري سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

صوفياڻي محفل ۾ صوفي راڳين غلام جعفر زرداري، فهيم علڻ فقير، غلام عباس ٻٻر، غلام علي ٻٻر، اصغر ٻٻر ۽ ٻين حضرت احمد شاهه لڪياري سميت ٻين صوفي بزرگن جا ڪلام چئي محفل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي درگاهه سيد احمد شاهه لڪياري جي گادي نشين سيد محبوب شاهه لڪياري چيو ته صوفي امن جو پرچارڪ هجي ٿو، اسان جي بزرگن هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، اڄ جتي دنيا پنهنجي مصروفيتن ۾ مصروف نظر اچي ٿي اتي ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي صوفي راڳ وسيلي پنهنجي من جو سڪون چاهين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن کي سڪون پهچائڻ لاءِ اسان هر مهيني صوفياڻي محفل ڪوٺائيندا رهندا آهيون، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان صوفي راڳي اچي پنهنجو رنگ پيش ڪن ٿا.