ڏوڪري ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري:اربع 04 جولاءِ 2018ع: ڳوٺ مهراڻي شاخ جي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن شهزادو مشوري، گل سهڙو، ممتاز علي ۽ رمضان علي پاران پاڻي کوٽ خلاف موهن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ بند 3 ڪلاڪ تائين نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ آھي ته مهراڻي شاخ ۾ پاڻي تمام گهڻو موجود آھي پر شاخ جا دروازا بند هئڻ ڪري  پاڻي نٿو اچي جنهن  ڪري پاڻي جي تمام کوٽ آھي. آبادگارن وڌيڪ چيو ته اسان جون زمينون سڪي ويون آھن ۽ اسان ٻج به پوکي نٿا سگهون.

هنن مطالبو ڪيو ته اسين ايريگيشن انجنيئر نگران ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ٿا ڪيون ته مهراڻي شاخ جو بند ڪيل دروازو کولرائي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجو ساريالو فصل پوکي سگهون.01