فٽبال ورلڊڪپ: فرانس بيلجيئم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

news

 سينٽ پيٽرزبرگ: اربع 11 جولاءِ 2018ع:  فٽبال ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي شڪست ڏئي فائنل  ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

روس ۾ هلندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي سيمي فائنل ۾ وڏيون وڏيون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. سينٽ پيٽرزبرگ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي 0_1 تان شڪست ڏني.

فرانس جو مقابلو فائنل ۾ سڀاڻي انگلينڊ ۽ ڪروشيا مان کٽيندڙ ٽيم سان 15 جولاءِ تي ٿيندو.