زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران غلام محمد خان کي اسپورٽس اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو

news

ٽنڊوڄام:سومر 16 جولاءِ 2018ع:سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊائريڪٽر اسپورٽس پاران اسپورٽس آرگنائيزر، نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي اسپورٽس ڪنسلٽنٽ ۽ پاڪستان باسڪٽ بال فيڊريشن جي نائب صدر حاجي غلام محمد خان کي اسپورٽس بابت خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي حاجي غلام محمد خان کي شيلڊ ايوارڊ ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزاده ۽ ايڊوانس سيڊ جو ايم ڊي اطهر علي خانذاده پڻ موجود هئا.01