حڪومت وٽ وزن بدران صرف خواب آهي: فضل الرحمان

news

اسلام آباد: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت وٽ وزن بدران صرف خواب آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جي يو آءِ اڪابرين اسلامي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ قربانيون ڏين.

هن جو چوڻ هو ته اسان خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ نوابن، سردارن جو غرور ٽوڙيو، عالمي ۽ مقامي اسٽيبلشمينٽ کي ناراض ڪري اڳتي وڌياسين.

مولانا فضل الرحمان چيو ته موجودا حڪومت جي پرڏيهي پاليسي اضطراب جو شڪار آهي جڏهن ته چين سان پراڻا لاڳاپا واپاري دوستي ۾ تبديل ٿيڻ سان ڌچڪو لڳو. هن بيگم ڪلثوم نواز جي لاءِ تعزيت ڪندي حڪومت کي مشورو ڏنو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪڃي ته بهتر آهي.