رت ۾ سٺي ڪوليسٽرول جو وڌيڪ مقدار موت جي خطري ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو: رپورٽ

news

 واشنگٽن: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: رت ۾ سٺي ڪوليسٽرول جو وڌيڪ مقدار پڻ دل جي دوري ۽ موت جي خطرن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه آمريڪا جي رياست اٽلانٽا ۾ ايموري يونيورسٽي جي ماهر مارڪ ايلر ڊريٽڪ اٽڪل 6 هزار ماڻهن تي تحقيق کان پوءِ جاري رپورٽ ۾ چئي.

رپورٽ موجب هاءِ ڊينسٽي لپو پروٽين (ايڇ ڊي ايل) يعني سٺي ڪوليسٽرول جي 41 کان 60 ملي گرام في ڊيسي ليٽر سطح تي دل جي دوري ۽ ان سبب موت جو خطرو سڀني کان گهٽ هوندو آهي. سٺي ڪوليسٽرول جي ان کان گهٽ ۽ ان کان وڌيڪ سطح ٻنهي صورتن ۾ دل جي دوري ۽ ان سبب موت جي خطرن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو آهي.

سٺي ڪوليسٽرول جا خطرا ٻين عملن شگر، سگريٽ ڇڪڻ ۽ لوڊينسٽي ڪوليسٽرول (ايل ڊي ايل) کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صورت ۾ پڻ برقرار رهندا آهن. واضح رهي ته ايڇ ڊي ايل ماليڪيول رت ۽ رت جي نالين مان ڪوليسٽرول کي ليور تائين ۽ پوءِ جسم مان خارج ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ ان سبب ان کي سٺو ڪوليسٽرول سمجهيو ويندو آهي پر نئين تحقيق ۾ دل جي بيمارين جو شڪار 5965 ماڻهن تي تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سٺي ڪوليسٽرول ۾ اضافو پڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.