گوگل ويهن سالن جو ٿي ويو، خاص ڊوڊل متعارف

news

ڪيليفورنيا: خميس 27 سيپٽمبر 2018ع: دنيا جو مقبول ترين سرچ انجڻ گوگل هلندڙ مهيني پنهنجي ويهين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، جنهن لاءِ اڄ خاص اينيميٽڊ وڊيو ڊوڊل پيش ڪيو ويو آهي.

ڪا به ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ انسان گوگل جو محتاج آهي، اها ئي وجهه آهي جو 20 سالن بعد به گوگل کي بي شمار ماڻهو استعمال ڪن ٿا. هونئن ته گوگل آفيشل طور تي 4 سيپٽمبر 1998ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، پر ڪمپني طرفان هن جي سالگره هر سال 27 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي آهي. اينيميٽڊ وڊيو جي آخر ۾ گوگل مختلف ٻولين ۾ صارفين جا ٿورا پڻ مڃيا آهن.

واضح رهي ته گوگل جو آغآز اسٽينڊ فورڊ يونيورسٽي جي ٻن شاگردن ليري پيج ۽ سرگي برن ڪيو هو، جن جو مقصد هڪ اهڙو سسٽم تيار ڪرڻ هيو جتي ماڻهن آساني سان هر ڄاڻ ملي سگهي. گوگل هن وقت 150 کان وڌيڪ ٻولين ۾ 190 کان وڌيڪ ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ سرچ انجڻ آهي.