بنون ڀرسان اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل، ٻه زخمي

news

 بنون: جمعو 28 سيپٽمبر 2018ع: بنون ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

رپورٽن مطابق بنون ۾ مندوري پتال شاهه ۾ جنرل اسٽور تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ کانپوءِ اهلڪارن پهچي لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس مطابق فائرنگ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.