اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر جي ڪينگروز تي تنقيد، بيٽنگ بدترين قرار

news

سڊني: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: اسٽيريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شين وارن پاڪستان خلاف دبئي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز جي بيٽنگ کي بدترين قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

شين وارن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا جي ايتري ڪمزور لائن اپ بيٽنگ ڪڏهن ناهي ڏٺي، منهنجي خيال ۾ اها آسٽريليا جي بدترين بيٽنگ آهي. اڳوڻي ليگ اسپنر چيو آهي ته اسٽيو اسمٿ، ڊيوڊ وارنر ۽ بين ڪرافٽ جي ٽيم کي ضرورت آهي، اميد آهي ته م عطلي ختم ٿيندي ئي ٽنهي ڪرڪيٽرن کي ٽيم جو حصو بڻايو ويندو.