پاڪستان جي باضابطه درخواست ناهي ملي، اميد آهي ته هو مدد گهرندا: آءِ ايم ايف

news

بالي: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لاگارڊ جو چوڻ آهي ته قرض حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي اڃا باضابطه درخواست ناهي ملي.

انڊونيشيا جي شهر بالي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته پاڪستاني وفد سان ملاقات ٿيندي ۽ اميد آهي ته ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان مالياتي پروگرام جي درخواست ڪندو.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف حڪومت معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ناڻي واري وزير اسد عمر به آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ملڪ مشڪل حالاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف کان اهڙو پروگرام وٺڻ چاهيون ٿا، جنهن سان معاشي بحران کي قابو ڪري سگهجي.