ڪوئٽه ۾ مڇ ويجهو وين ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ست ماڻهو سڙي فوت

news

ڪوئٽه: اڱارو 23 آڪٽوبر 2018ع: بلوچستان جي ضلع  بولان جي علائقي مڇ ويجهو ڪوئيٽه سبي قومي شاهراه تي پيٽرول سان ڀريل هڪ وين ٽرڪ سان ٽرائجي وئي، جنهن سبب باهه ڀڙڪي  پئي، جنهن ۾ سڙي 5 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي مڇ اسپتال منتقل ڪيو، پر ٻن زخمين جي به ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، جنهن سبب فوتگين جو تعداد 7 ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ آسپاس بيٺل گاڏين کي به باهه وڪوڙي وئي، پوليس مطابق وين ۾ موجود پيٽرول ڪوئيته کان سبي منتقل ڪيو پيو ويو.