گولاڙچي ڀرسان ڪار ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر، ٽي ڄڻا فوت

news

 گولاڙچي: خميس 08 آڪٽوبر 2018ع: سجاول_گولاڙچي روڊ تي سوزوڪي ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
مليل ڄاڻ مطابق سجاول_گولاڙچي روڊ تي سوزوڪي ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ علي اصغر سميجو، گلاب ٺاڪر ۽ احمد خان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو.