ڳڙهي حسن ۾ بشير خان ڪٽوهر کي برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي

news

ڳڙهي حسن: ڇنڇر 15 ڊسمبر 2018ع:ڳڙهي حسن ڀرسان ڳوٺ عبدالڪريم خان ڪٽوهر ۾ ڪٽوهر برادري جي  پڳ رسم تقريب ٿي گذري.

پڳ رسم تقريب ۾ سيد سلطان احمد شاهه، سيد بابر شاهه جيلاني، حاجي رسول بخش خان ڪٽوهر ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ رحمت الله خان کوسو، يوسي ڪوٽ جنگو جو وائيس چيئرمين برڪت خان ڪٽوهر، ڪوڙا خان ڪٽوهر ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ڪٽوهر برادري جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. 

جڏهن ته  پڳ جي رسم جو پهريون ور سيد سلطان شاهه ڏنو ۽ پڳ رسم بعد سنڌ ۽ بلوچستان سميت آل پاڪستان ڪٽوهر برادري جي ماڻهن سردار بشير خان ڪٽوهر کي پڻ مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي سردار بشير خان ڪٽوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو منهنجي بابا منهنجي مٿان هڪ وڏي زميواري رکي آهي ۽ پوري ڪٽوهر برادري جون واڳون منهنجي حوالي ڪيو آهن، انشاءالله پنهنجي برداري جي ماڻهن کي گڏ کڻي هلبو.

هن چيو ته ڪٽوهر برادري جي سڀني پاڙن جو مان مشغول آهيان، جنهن مون مٿان اعتماد ڪري هن رسم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته  مان آل ڪٽوهر قبيلي کي پاڻ سان گڏ کڻي هنن جا جائز مسلا حل ڪرائندس.01