مصر مان چار هزار سال پراڻو مقبرو مڪمل درست حالت ۾ هٿ

news

قاهرا: آچر 16 ڊسمبر 2018ع: قديم تهذيب جي مرڪز مصر مان قديمي آثارن جي ماهرن 4 هزار 4 سئو سال پراڻو مقبرو هٿ ڪيو آهي جيڪو انساني هٿن سان اڃان تائين محفوظ رهيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب مصر جي وادين ۾ جاچ ۾ مصروف قديمي آثارن جي ماهرن کي قديم مقبري جا آثار مليا جنهن تي پرڏيهه مان به ماهرن کي طلب ڪيو ويو، گڏيل جاچ ۾ قديم مقبري کي محفوظ حالت ۾ هٿ ڪيو ويو.

مصر جي قديمي آثارن جي سيڪريٽري جنرل مصطفيٰ وزيري مقبري جي دريافت کي ڏهاڪن کانپوءِ هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته مقبرو قاهرا ۾ سقارا جي اهرام مصر مان هٿ ٿيو، ميڊيا کي مقبري جو دورو به ڪرايو ويو.

مصطفيٰ وزيري ٻڌايو ته ان مقبري مان مختلف رنگن جون مورتيون ۽ فرعون جا مجسما بلڪل درست حاصل ۾ مليا آهن، اهي نوادرات 4 هزار 4 سئو سالن کان انساني هٿن سان محفوظ رهيا هئا.

اهو مقبرو فرعون جي محل جي ويجهو واقع هو ۽ ان شاهي محل ۾ فرعون وائٽي پنهنجي والدا، گهرواري ۽ ٻين مائٽن سان گڏ رهيل هو، مقبري ۾ موجود مجسما به ان وقت جي فرعون، گهرواري ۽ ان جي والدا جا آهن.

مقبرو جبلن ۾ گهيريل هڪ کاهي ۾ غار جي اندر قائم هو جنهن ۾ داخلا لاءِ هڪ ننڍو دراوزو به موجود هو، مقبري جا در ۽ ڀتيون دلڪش نقش سان سلهاڙيل آهن جنهن ۾ قديم نشان اڪريل آهن.