اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ خرچن جا تفصيل اٺاويهه ڊسمبر تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت

news

 اسلام آباد: اربع 19 ڊسمبر 2018ع: اليڪشن ڪميشن عام چونڊن 2018ع ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي چيو آهي ته اهي پنهنجي چونڊ خرچن جا تفصيل 28 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي ڇڏين، ٻي صورت ۾ انهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اهڙن سمورن اميدوارن کي اطلاع ڏنو آهي جيڪي هن وقت تائين پنهنجي چونڊ خرچن جي تفصيل لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن يا ضلعي اليڪشن ڪمشنر وٽ جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، انهن کي آخري ڀيرو تنبيهه ڪئي وئي آهي ته اهي فوري طور پنهنجي چونڊ خرچن (فارم سي) دير سان جمع ڪرائڻ جي وضاحت سان گڏ پنهنجي لاڳاپيل ضلعي اليڪشن ڪمشنر وٽ 28 ڊسمبر 2018ع تائين جمع ڪرائي ڇڏين نه ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.