فلپائن جي ڏاکڻين ٻيٽ منڊانائو ۾ زلزلو، سونامي جو خطرو

news

 منيلا: ڇنڇر 29 ڊسمبر 2018ع: فلپائن جي ڏاکڻين ٻيٽ منڊانائو ۾ ايندڙ سخت زلزلي جي نتيجي ۾ فلپائڻ ۽ انڊونيشيا جي سامونڊي ڪناري تي سونامي جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

آمريڪي زلزلي پيما مرڪز (يو ايس جي ايس) مطابق زلزلي جي شدت 6.9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان کان اڳ سندس شدت 7.2 ٻڌائي وئي، جنهن کي بعد ۾ صحيح ڪيو ويو. يو ايس جي ايس مطابق زلزلي جو مرڪز فلپائن کان 84 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۽ زمين اندر 59 ڪلوميٽر هو.

زلزلي جي لوڏن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته سونامي جو خطرو ضرور ظاهر ڪيو ويو آهي. پيسفڪ سونامي وارننگ سينٽر مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ فلپائن ۽ انڊونيشيا جي سامونڊي ڪنارن تي سونامي جون تباهه ڪندڙ ڇوليون اٿڻ جو خدشو آهي.