شيخ ڀرڪيو ۾ آبادگارن پاران واٽر ڪورس جي ڪم ۾ ڪرپشن ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

شيخ ڀرڪيو: ڇنڇر 05 جنوري 2019ع:شيخ ڀرڪيو ويجهو سخي آباد جي آبادگارن جو واٽر ڪورس پڪو ٿيڻ واري اسڪيم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ ۽ انجنيئر پاران واٽر ڪورس تي ٺهيل ڪاميٽي ۾ هڪ هي ذات جي ميمبرن قاسم نومڙيو، يار محمد نومڙيو ۽ محمد رفيق نومڙيو جي آبادگارن  کي کڻڻ ۽ ٻين آبادگارن کي ڪاميٽي ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف آبادگارن گل زمان جمالي، مقبول لاکو، جاويد لاکو، نهال جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واٽر ڪورس واري جاءِ تي اجتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته انجنيئر کي اسان چيو ته اسان کي هنن ڪم جو ورڪ آڊر ڏئي، پر اهو ورڪ آرڊ  ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن چيو ته انجنيئر ڪجھ زميندارن کان اسٽيمپ پيپر تي  ڪوڙيون صحيحيون ورتيون آهن، هاڻي ان تي ان پنهنجي هٿ سان اسٽيمپ پيپر تي لکي آبادگار کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته واٽر ڪورس ۾ ٻه نمبر بلاڪ هڻي رهيو آهي. هنن چيو ته واٽر ڪورس واري ڪم ۾ صحيح مٽيريل استعمال نه ڪيو ويو ته اسان عدالت ۾ وينداسين. هنن چيو ته اسان نيب ۾ پڻ درخواستون جمع ڪرائينداسين.01