سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سالياني امتحانن جو شيڊول جاري

news

 ڄامشورو: سومر 14 جنوري 2018ع: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر غلام مرتضيٰ سيال پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ٻئي فيز تحت بي اي، بي ايس سي، بي ڪام، بي ايس سي هوم اڪنامڪس (پاس) پارٽ ٻئي جا ساليانا امتحان2018ع اربع 30 جنوري 2019ع کان، جڏهن ته ايم اي (پاس) فائنل جا ساليانا امتحان 2018ع سومر 4 فيبروري 2019ع کان ورتا ويندا. اميدوارن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اُهي امتحاني ٽائيم ٽيبل پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن مان حاصل ڪن.