ڊوپليسي پاڪستاني ون ڊي ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا کان مضبوط قرار ڏئي ڇڏيو

news

جوهانسبرگ: جمعو 18 جنوري 2019ع: ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي جو چوڻ آهي ته پاڪستن جي ون ڊي ٽيم اسان کان گهڻي مضبوط آهي.

سينٽ جارج پارڪ ۾ ٽريننگ سيشن کانپوءِ فاف ڊوپليسي جو چوڻ هو ته اسان هڪ اهڙي ون ڊي ٽيم آهيون جيڪا اڃان تائين پنهنج يٽيم ۾ بيلنس ڳولي رهي آهي.

هن جو چوڻ هو ته پاڪستان خلاف پهرئين ٻن ميچن ۾ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ۽ ڊيل اسٽين جي غير موجودگي اسان وٽ موقعو آهي ته اسان انهن کي پرکيون جن کي اسان ٽيم ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا.

ڊوپليسي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پرفارمنس جي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ون ڊي ٽيم اسان کان گهڻي مضبوط آهي ۽ اهو اسان جي لاءِ ربردست چيلينج هوندو.

فاف ڊوپليسي جو چوڻ هو ته پاڪستاني رانديگر اسپينرز کي تمام سٺو کيڏندا آهن ان لاءِ اسان جي اسپنرز لاءِ چيلينج آهي.