تعلقي ڏوڪري ۾ تعليم جو معيار بهتر آهي: محمد عثمان کوکر

news

ڏوڪري: جمعو 18 جنوري 2019ع:تعليم کاتي ڏوڪري جي تعلقي آفيسر محمد عثمان کوکر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تعلقي ڏوڪري ۾ تعليم جو معيار بهتر آهي ۽ ڪنهن جي به تعليم جي ترقي ۽ واڌاري ۾ رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته منهنجي تعلقي ۾ لڳ ڀڳ 200 اسڪول آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته حد جي ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو پڻ تعلقي ڏوڪري جي اسڪولن ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن بعد جن اسڪولن ۾ کوٽ هئي ان جي پورائي ڪئي وئي آهي ته جئين تعليمي عمل ۾ ڪنهن به مسئلي تي رنڊڪ نه پوي.

هن چيو ته اڳ اسان پ پ ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو جي موجودگي ۾ انهي جي هٿان اسڪولن ۾ فرنيچر ورهايو هو. هن چيو ته مان پنهنجي هر ڏينهن تي اسڪولن جي وزٽ ڪري مسئلا حل ڪيا آهن ته جئين تعليم جي پورائي ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿئي.01