پاڪستان پاران ڏکڻ آفريڪا خلاف چوٿين ون ڊي ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

news

 جوهانسبرگ: آچر 27 جنوري 2019ع: پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف چوٿين هڪ ڏينهن واري مئچ ۾ ٽاس کثٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو اهم مئچ جوهانسبرگ ۾ ڪجهه دير کانپوءِ کيڏيو ويندو. سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي 1-2 جي برتري حاصل آهي ۽ سيريز ۾ رهڻ لاءِ سرفراز اليون کي اڄ جو مئچ کٽڻ لازمي هوندو.

ميزبان ٽيم جي ڪاميابي جي صورت ۾ سيريز ڏکڻ آفريڪا جي نالي ٿي ويندي، ان لاءِ قومي ٽيم وٽ غلطي جي ڪا گنجائش ناهي.