بنون ۾ گهر اندر ڌماڪو، زال، مڙس ۽ چار ٻارڙا فوت

news

بنون: اڱارو 29 جنوري 2019ع: بنون ۾ هڪ گهر اندڙ ٿيندڙ ڌماڪي سبب والدين ۽ چار ٻارڙا مارجي ويا.

رپورٽ موجب بنون جي علائقي لنڊي ڊاڪ م هڪ گهر اندر زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڌماڪي کان فوري پوءِ امدادي ادارا، پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري جاءِ تي پهچي ويو جتي امدادي ڪارروايون ۽ جاچ جي شروعات ڪئي وئي. پوليس موجب ڌماڪو اسڪول ٽيچر برڪت الله جي گهر جي ڪمري ۾ ٿيو جنهن سبب زال مڙس ۽ سندن چار ٻار فوت ٿيڻ جي اطلاع آهن.

پوليس موجب في الحال جاچ جاري آهي، ان ڳالهه جو پتو لڳايو پيو وڃي ته ڌماڪو ڪهڙي سبب ٿيو؟ جڏهن ته جاچ کان اڳ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.