ٽنڊو محمد خان ۾ ساس پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم جي شروعات، ريلي

news

ٽنڊومحمدخان: جمعو 01 فيبروري 2019ع:سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم جي سلسلي ۾ ساس جي ضلعي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي، شاخ جي سيڪريٽري آغا جان آغا ۽ نثار احمد ناز جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن ريلي ڪڍي. سنڌي ٻولي قومي ٻولي مھم جو آغاز ڪندي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

ساس ٽنڊو محمد خان جي ڄاڻايل اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي تاريخي طور قدامت جي حامل ۽ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي سميت سنڌ جا اهم ادارا قراردادون پاس ڪري چڪا آهن ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان محبت ڪندڙ ھر ماڻهو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت ڪيتري ئي عرصي کان اهڙي قسم جي مهم پڻ هلائي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.01