ڪراچي ۾ ملڪيتون وڌيڪ مهانگيون، ايف بي آر پاران نوان اگهه مقرر

news

 ڪراچي: ڇنڇر 02 فيبروري 2019ع: ڪراچيءَ ۾ ملڪيت وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي، ايف بي آر پراپرٽي جون نيون قيمتون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، خالي پلاٽ ۽ بلڊنگ جي ويليوئيشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته هاڻي ڪراچي جي رهواسين کي پراپرٽي منتقل ڪرڻ تي ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ايف بي آر ڪراچي جي 196 مختلف ايرياز جي پراپرٽي جي ويليوئيشن وڌائي ڇڏي آهي، ڪمرشل بلڊنگ جي ويليوئيشن ڪيٽيگري اي ون جي ويليوئيشن 67500 مان وڌائي 81000 ڪري ڇڏي، جڏهن ته ويليوئيشن ون ڪيٽيگري جي 54 هزار مان وڌائي 64800 ڪري ڇڏي آهي. رهائشي پراپرٽي جي ڪيٽيگري ايون جي ويليوئيشن 40 هزار مان وڌائي 48 هزار دي اسڪوائر يارڊ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيٽيگري ون جي رهائشي بلڊنگز جي ويليوئيشن 32 هزار مان وڌائي 38400 رپيا ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب ڪراچي جي مختلف علائقن جون ڪيٽيگريز 9 مان وڌائي 11 ڪيون ويون آهن، باٿ آئيلينڊ، ڊي ايڇ اي محمد علي سوسائٽي ۽ پي اي سي ايڇ ايس کي رهائشي ڪيٽيگري، بوهري بازار، آءِ آءِ چندريگر روڊ، جڙيا بازار کي ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ اي ون تي رکيو ويو آهي.

واضح رهي ته ايف بي آر اسلام آباد سميت سمورن شهرن ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي پراپرٽيز جي خريد ۽ وڪرو تي ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ پراپرٽِي جي ويليوئيشن ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪندي نوان ويليوئيشن ريٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان حوالي سان انڪم ٽيڪس ورتو ويندو، ان حوالي سان 20 نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، فيصل آباد، پشاور، ملتان، مردان، جهنگ، سکر، حيدرآباد، سيالڪوٽ، سرگوڌا، ساهيوال، ڪوئيٽا، جهلم ۽ ٻين وڏن شهرن لاءِ پراپرٽي جي ويليوئيشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ اضافي قيمت تي فائلرز ۽ نان فائلرز کان ٽيڪس ورتي ويندي، ان ڏس ۾ نوان ريٽ جاري ڪيا ويا آهن.

اضافي وڌايل قيمت موجب پراپرٽي جي خريداري تي فائلرز کان 2 سيڪڙو ۽ نان فائلرز کان 4 سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس ورتي ويندي جڏهن ته پراپرٽيز جي وڪرو تي فائلرز کان هڪ سيڪڙو ۽ نان فائلرز کان 2 سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس ورتو ويندو.