فائيو جي نيٽ ورڪ ۽ فون سيٽس جو مستقبل ”سيڪيورٽي ڪليئرنس“ سان مشروط

news

 حيدرآباد: آچر 17 فيبروري 2019ع: سيڪيورٽي سببن جي ڪري فائيو جي ٽيڪنالاجي جي درآمد تي لاڳو ڪيل پابندي ڪمپنين کي پنهنجي 5 جي نيٽ ورڪس ۽ موبائل فونز جي سيڪيورٽي جاچ پڙتال ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

موبائل جي دنيا ۾ 4 جي کانپوءِ 5 جي نيٽ ورڪ پنهنجا پير ڄمائڻ لاءِ تيار آهي پر ان کان اڳ ڪجهه سيڪيورٽي سببن جي ڪري دير جو شڪار آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمپنين پنهنجي فائيو جي نيٽ ورڪ ۽ موبائل فونز جي سيڪيورٽي جي جاچ پڙتال لاءِ تيار ٿي ويون آهن. سيڪيورٽي ڪليئرنس کانسواءِ ڪيترن ئي ملڪن جديد 5 جي نيٽ ورڪس ۽ موبائل فونز جي درآمد کي روڪي ڇڏيو هو، چين جي مشهور ڪمپنين هواوي ۽ زيد ٽي اي جي فائيو جي اوزارن کي سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي پاسي انٽرنيٽ جا گهڻ واهپيدار به 4 جي مان بوريت محسوس ڪرڻ لڳا آهن ۽ بي تابي سان نئين ۽ جديد گائيو جي سيٽس جا منتظر آهن پر سيڪيورٽي سبب فائيو جي ٽيڪنالاجي ۽ واهپيدارن وچ ۾ ديوار ثابت ٿيا آهن.