ڪڪڙين جي فارم ۾ گهڙندڙ لومڙي کي ٺُنگا هڻي ماري وڌو

news

پيرس: جمعو 15 مارچ 2019ع: فرانس جي شهر برٽني ۾ ڪيترين ئي ڪڪڙين فارم ۾ گهڙندڙ شڪاري لومڙي کي ٺُنگا هڻي ماري وڌو.

تفصيل موجب پوري دنيا ۾ شڪاري لومڙي هجي يا گدڙ جو شڪار هميشه ڪمزور ئي بڻجندو آهي پر سمورا ڪمزور جيڪي گڏ ٿين ته گڏجي شڪاري جو به شڪار ڪري سگهن ٿا، اهڙو ئي ڪجهه فرانس جي اتر اوڀر شهر برٽني ۾ واقع ڪڪڙين جي فارم ۾ ٿيو جتي مرغين گڏجي لومڙي کي ماري وڌو.

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته بکايل لومڙي ڪڪڙين جي فارم ۾ داخل ٿي ته فارم جو دروازو پاڻمرادي طريقي سان بند ٿي ويو ۽ لومڙي  فارم ۾ موجود 3 هزار ڪڪڙين جي وچ ۾ قيد ٿي وئي. پولٽري فارم جي سربراهه پاسڪل ڊينيئل جو چوڻ آهي ته ڪڪڙين گڏيل طور تي لومڙي چُهنبند سان حملو ڪري موقعي تي ئي ماري وڌو.

ايندڙ ڏينهن صبح جو نگران فارم ۾ داخل ٿيو ته پولٽري فارم جي ڪُنڊ مان لومڙي جو لاش هٿ ٿيو، ڪڪڙين لومڙي جي ڳچي تي وار ڪيا هئا. هن ٻڌايو ته پنجن ايڪڙن تي ٻڌل پولٽري فارم ۾ 6 هزار ڪڪڙيون رکڻ جي گنجائش آهي جڏهن ته لومڙي جي اچڻ جي وقت 3 هزار ڪڪڙيون فارم ۾ موجود هيون.