ڪرائسٽ چرچ حملن ۾ چار پاڪستاني زخمي ۽ پنج گم آهن: پرڏيهي وزارت جو ترجمان

news

اسلام آباد: جمعو 15 مارچ 2019ع: پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ 4 پاڪستاني زخمي ٿيا جڏهن ته 5 اڃان تائين گم آهن.

ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ ٿيندڙ حملن ۾ هينئر تائين 49 ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 جي زخمي هجڻ جا اطلاع آهن.

ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد جي سڃاڻپ 28 ورهين جي آسٽريلوي شهري طور ٿي آهي.

آسٽريلوي وزيراعظم به دهشتگرد جي آسٽريلوي شهري هجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته حملي آور کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ انتهاپسند ۽ دهشتگرد آهي جنهن مسجد تي  فائرنگ ڪري ڪيترن ئي معصوم انساني جانين کي ختم ڪيو جنهن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد تي ٿيندڙ حملن ۾ 4 پاڪستاني شهري زخمي ٿيا جڏهن ته انهن واقعن کانپوءِ کان 5 پاڪستاني شهري گم به آهن.