ڪنڌڪوٽ ۾ مجلس وحدت مسلمين پاران شيعا ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف احتجاجي ريلي

news

ڪنڌڪوٽ: جمعو 15 مارچ 2019ع:مجلس وحدت مسلمين پاران ڊيره غازي خان ۾ شيعا ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ نيوزيلينڊ ۾ مسجد تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

رپورٽ موجب مجلس وحدت مسلمين ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پاران ڊيره غازي خان ۾ شيعا ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ نيوزيلينڊ ۾ مسجد تي ٿيل حملي خلاف مدرسا ارشاد الثقلين کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي جي قيادت مجلس وحدت مسلمين جو ضلعي سربراھ مير فائق علي جکراڻي ڪري رهيو هو. ريلي ۾ شامل اڳواڻن پاران ڊيره غازي خان ۾ شيعا ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ نيوزيلينڊ ۾ مسجد تي ٿيل حملي ۾ بيگناھ مسلمانن جي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي وئي.01