گهڻا آنا کائڻ سان دل جو دورو پوڻ جو خطرو

news

حيدرآباد: آچر 17 مارچ 2019ع: صحت بابت آمريڪي ماهرن جو چوڻ آهي ته آني جو روزانو استعمال موت جي خطرن کي وڌائي ڇڏيندو آهي.

نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق موجب روزانو هڪ آنو کائڻ سان دل جو دورو پوڻ جي خطرن ۾ ستر سيڪڙو تائين واڌ ٿي ويندي آهي.

30 هزار ماڻهن تي ٿيندڙ تحقيق ۾ ڪوليسٽرول جي اثرن کي نوٽ ڪيو ويو جڏهن ته تحقيق  تي ڪيترن ئي ماهرن تنقيد ڪئي آهي ۽ آني کي انساني صحت لاءِ فائديمند قرار ڏنو آهي.