ڀارت هميشه پاڪستاني فنڪارن جو غلط استعمال ڪندو آهي: ميڪال ذوالفقار

news

ڪراچي: اڱارو 19 مارچ 2019ع: پاڪستاني اداڪار ميڪال ذوالفقار ڀارتين جا پول پڌرا ڪندي چيو آهي ته ڀارت هميشه پاڪستاني فنڪارن کي منفي ۽ غلط استعمال ڪري ٿو.

پاڪ شوبز انڊسٽري جي بهترين اداڪار ميڪال ذوالفقار هاڻوڪن ڏينهن ۾ پنهنجي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو بيان ڪندي چيو آهي ته ڀارتي پهريان پاڪستاني فنڪارن جو منفي ۽ غلط استعمال ڪندا آهن ۽ پوءِ انهن کي اوزار بڻائي ڏکيائين ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهن.

ميڪال ذوالفقار چيو جڏهن مون فلم بي بي سائن ڪئي ته ان وقت مون خاص طور تي پڇيو هو ته ڇا اها فلم اسلام ۽ پاڪستان مخالف آهي تڏهن فلم ميڪرز چيو نه پر فلم ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي.

مان فلم جي پهرئين حصي ۾ نه هوس مون کي فلم جي اسڪرپٽ بابت ڪوبه اندازو نه هو جڏهن فلم رليز ٿي هئي تڏهن مون کي حقيقت جي خبر پئي، ان کانپوءِ مون فيصلو ڪيو ته مان صرف پاڪستاني فلمن  ۾ ڪم ڪندس ان کان علاوه اسان کي ڀارت ۾ اها عزت به ناهي ڏني ويندي جنهن جا اسان حقدار آهيون.