سکر ۾ ادبي ۽ ثقافتي ميلو جاري، مختلف ڪتابن جي مهورت

news

سکر: آچر 07 اپريل 2019ع:جشن سکر ادبي، فني ۽ ثقافتي ميلو جاري آهي، ٻئي ڏينهن تي قبيلائي فيصلن سميت اهم اسمن تي 10 سيشنز ، ڪتابن جي منهن ڏسڻي ۽ مشاعرو ٿيا، سنڌ جي ساڃاھ وندن جو چوڻ آهي ته ٻروچ قبيلن جي سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ قبيلائي تڪرار وڌيا ۽ قانون کان مٿانهن جرڳن جو بنياد پيو. مهراڻ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾  ”جشن سکر” ادبي، فني ۽ ثقافتي ميلو جاري آهي، ميلي جي ٻئي ڏينهن تي موسيقي جا ستارا، ڪيريئر ڪائونسلنگ، سکر جو شان، اسانجا ڏاها، قبيلائي فيصلا، مڪاني حڪومت، پرڏيهي ٻولين جي سکيا، سکر جا اڏيندڙ، سکر جي آرڪيالوجي ۽ سائنس، طنز مزاح تي سيشنز سميت ڪتابن جي منهن ڏسڻي  ۽  مشاعرا ٿيا.

ناليواري شاعر ۽ صحافي شوڪت نوناري جي ميزباني هيٺ “قبيلائي فيصلا” جي سري هيٺ سيشن ٿيو، جنهن ۾ ناليواري قانوندان ۽ اديب فتاح ملڪ، شبير شر، ڪلپنا ديوي ۽ صحافي نثار کوکر پينلسٽ هئا. سيشن ۾ ڳالهائيندي قانوندان ۽ اديب فتاح ملڪ چيو ته ٻروچ قبيلن جي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ قبيلائي تڪرار وڌيا آهن، جيڪڏهن عدالتي حڪم تي مڪمل طور عمل ٿئي ۽ عدالتن ۾ تڪڙو انصاف ملي ته جرڳا سسٽم ختم ٿي ويندا، اڄ به ٿر پرامن آهي، جِتي قبيلائي جهيڙا ناهن ٿيندا.

وڪيل شبير شر چيو ته رياست جي ڪمزوريءَ سبب جرڳا، ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جهڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا، ايوب خان واري دور ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قانوندان ڪلپنا ديوي جو چوڻ هو ته ڪورٽون رڙائي رڙائي انصاف ڏين ٿيون، تڏهن ماڻهو جلد ۽ تڪڙي انصاف لاءِ جرڳي يا فيصلي واري سسٽم طرف وڃن ٿا، سنڌ پر امن ۽ قديمي تهذيب جي مالڪ آهي ڪارو ڪاري سنڌ جي نه پر ٻاهران آيل روايت آهي.

صحافي نثار کوکر جو چوڻ هو ته جرڳا ڪندڙ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي رياست ۽ پوليس جو ساٿ آهي، جنهن ڪري هو آساني سان پوليس پروٽوڪول ۾ جرڳا ڪن ٿا. ڪتابن جي منهن ڏسڻي سيشن ۾ اديب بدر اڄڻ جي ڪتاب “روسي ادب”،  امير گل ڪٽوهر جي ڪتاب ڏور جو ڏيئو هٿ ڪري، افسار فاطمه جعفري جي ڪتاب، سجاد غني جي نيرولي، امر اقبال جي ايش ٽري، ابراهيم کرل جي رشتن جي خانه بدوشي ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي.

مشاعري جي سيشن ۾ ماڊيئٽر جافرض ناهيد اختر ۽ پروفيسر انيس الرحمان سرانجام ڏنا. صدارت سھڻي شاعر اياز گل ڪئي، ناليوارن شاعرن فتاح ملڪ ۽ ادل سومرو خاص مهمانن طور شرڪت ڪئي.

امر اقبال، سجاد ميراڻي، مهر خادم، حبيب ساجد، خواجه ذولفقار، خالد ٻانڀڻ، بيخود بلوچ، ڊاڪٽر خادم منگي، سيد نور رضوي، روشن شيخ، ابراهيم کرل، وحيد انصاري، الفت دادا سميت 50 جي لڳ ڀڳ شاعرن پنهنجيون تخليقون ڏسندڙن جي سماعتن کي ارپيون.01