ميگاپراجيڪٽ بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ تائين ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون

news

پشاور: (آچر 14 اپريل 2019ع) خيبرپختونخواهه جي ميگا بس منصوبي بي آر ٽي جي پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ سبب صوبائي حڪومت کي وڏي تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيستائين بي آر ٽي جو منصوبو مڪمل نه ٿيندو تيستائين سمورن ملازمن جون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن. 

بي آر ٽي جي ترجمان موجب منصوبي جي ختم ٿيڻ تائين ڪوبه پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽي(پي ڊي اي) جو ملازم موڪل نه ڪندو. جڏهن ته منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ ملازمن جون شفٽون به ڊبل ڪيون ويون آهن. ترجمان  موجب ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي اي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ هو پاڻ به ڪا موڪل نه ڪندو. 

واضح رهي ته هشت نگري جي ويجهو بي آر ٽي  منصوبي جي انڊر پاس ۾ هڪ ٻئي غلطي سامهون آئي آهي جنهن ۾ گيس جون ٻه پائپ لائينون موجود آهن جنهن سبب اتان گذرندڙ ماڻهن جي زندگي کي  خطرو ٿي سگهي ٿو. گذريل ڏينهن وزيراعليٰ جي انسپيڪشن ٽيم پشاور ميٽرو ۾ ڪيترين ئي ڪوتاهين ۽ غلطين جي نشاندهي ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ هڪ عورت به شروعاتي سروس دوران بس جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي هئي.