سڪرنڊ ۾ سول سوسائٽي پاران صحافي مشتاق سرڪي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سڪرنڊ: ڇنڇر 20 اپريل 2019ع:صحافي مشتاق سرڪي جي گرفتاري خلاف سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منڱيو جي اڳواڻي ۾ صحافي چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

مظاھري ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن مسعود شاھ، جاويد علي سومرو، دلدار چانڊيو، مصور  چھواڻ، غلام نبي چھواڻ، صحافي مسعود احمد عمراڻي، مشتاق سولنگي نياز لاشاري، خليل احمد راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي مشتاق سرڪي کي رحيم شاھ خلاف لکڻ تي گرفتار ڪري پوليس گردي جو مثال قائم ڪيو ويو آھي. سنڌ پوليس پنھنجو ڏوهه لڪائڻ لاءِ سنڌ جي ھڪ سگھاري آواز کي دٻائي رھي آھي، جيڪا سراسر نا انصافي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته صحافي مشتاق سرڪي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج  جو دائرو وڌايو ويندو.01